هيرو پنتي جي جوڙي هڪ ڀيرو وري ٽاڪوڙو مچائڻ لاءِ تيار

ممبئي(شُوبز نيوز) بالي ووڊ فلم هيرو پنتي جي جوڙي هڪ ڀيرو وري ٽاڪوڙو مچائڻ گڏ اچي رهي آهي. هيروپنتي جي جوڙي ٽائيگر شيروف ۽ ڪرتي سنن هڪ ڀيرو وري گڏ اچي رهيا آهن، هيروپنتي جو رومينٽڪ جوڙو ٻيهر دلين جون دريون کولي پيار جا گيت ڳائيندو. ٽائيگر ۽ ڪرتي کي ڀارتي ڪوريوگرافر احمد خان پنهنجي وڊيو سانگ ۾ ڪاسٽ ڪيو آهي، جنهن جو ٽائٽل“ چل وهان جاتي“ آهي. تازو ئي احمد خان پاڪستاني ڳائڻي عاطف اسلم ۽ ٽائيگر شيروف کي وٺي گيت شوٽ ڪيو هو،جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو، هاڻ ڪرتي جي اچڻ کانپوءِ اهو گانو ڪيترو پسند ڪيو وڃي ٿو اهو ته وقتٿ ئي ٻڌائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *