عورت پوليس آفيسرن کي سنجيدگيءَ سان ناهي ورتو ويندو:پريانڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا هدايتڪار پرڪاش جها جي فلم گنگاجل 2 ۾ پوليس آفيسرياڻي جو ڪردار ادا ڪندي، اجي ديوگن جي فلم گنگاجل 2003ع ۾ هٽ فلم هئي،جنهن جو هاڻي سيڪيوئل ٺاهڻ لاءِ هدايتڪار پاران 32 سالن جي پريانڪا تي اعتماد ڪيو ويو. پريانڪا موجب اجي ديوگن جي 2003ع واري فلم هڪ بهترين فلم هئي پر ڀارت ۾ هاڻي مسئلا وڌيا آهن، جنهن ۾ ڪرپشن، لينڊ مافيا ۽ هارين جو استحصال شامل آهي، پريانڪا چيو ته عورت پوليس آفيسرن کي سنجيدگيءَ سان ناهي ورتو ويندو، تنهن ڪري فلم ۾ ان مسئلي کي به زبردست نموني کنيل آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *