بالي ووڊ فلم بنگستان ۾ رتيش ديشمڪ حفيظ بن علي جي روپ ۾ نظر ايندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم بنگستان جنهن بابت گهڻي وقت کان ڳالهه هلندڙ هئي ته اها تياري هيٺ آهي، پر هاڻي ان فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار رتيش ديشمڪ جي حفيظ بن علي جي روپ واري تصوير جاري ڪئي وئي آهي، فلم ۾ حفيظ يعنيٰ رتيش ديشمڪ هڪ سرڪاري ملازم جيڪو دهشتگردن جي مدد ڪندڙ جو ڪردار ادا ڪندو، فلمساز فرحان اختر جي فلم ۾ هدايتڪاريءَ جا فرض صحافت مان هدايتڪار بڻجندڙ ڪرن انوشمان ڪندو، جڏهن ته رتيش ديشمڪ کان سواءِ ٻين اداڪارن ۾ چندن راءِ سنيا، آڪاش پانڊي، آريا ببر ۽ جيڪولين فرنينڊيس پڻ خاص طرح جي ڪردار ۾ ايندي. فلم هلندڙ سال 31 جولاءِ  تي رليز ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *