ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا جي مطابق دبنگ خان جي هٽ اينڊ رن ڪيس جي متعلق سماجي ڪارڪن منصور درويش اطلاع ڏني ته قانون مطابق ڪيس جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ درخواست ڏني، جنهن جي جواب ۾ قانون لاڳو ڪندڙن چيو ته ڪيس جا تمام فائل 3 سال اڳ 21 جون 2012ع تي عدالتي آفيس ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي رک ٿي ويا آهن، برحال ڪيس جي متعلق ڪو رڪارڊ موجود نه آهي.