سلمان خان جي نئين فلم بجرنگي ڀائي جان عيد تي رليز ٿيندي

ممبئي(شوبز نيوز): بولي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان پنهنجي نئين فلم بجرنگي ڀائي جان جو ٽيلر جاري ڪري ڇڏيو، هو هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ دبئي ويندو.  ڪبير خان جي هن فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته پاڪستاني  ڇوڪري ريل نڪري وڃڻ کانپوءِ انڊيا ۾ رهجي ويندي آهي. ان کانپوءِ سلمان خان ننڍڙي جي مدد لاءِ ايندو آهي ۽ پاڪستان واپس ڇڏڻ جي ذميواري سنڀاليندو آهي. اها فلم عيد تي رليز ڪئي ويندي. هن ايڪشن سان ڀريل ميوزيڪل فلم ۾ ڪرينا ڪپور ۽نواز الدين صديقي به نظر ايندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *