اين اي 246 جي ننڍي چونڊ: سنڌ جي وڏي وزير سان ڊي جي رينجرز جي ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ڊي جي رينرجز وڏي وزير کي ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي صورتحال کان آگاهه ڪيو، وڏي وزير ڊي جي رينجرز کي اين اي 246 ۾ نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ جي به هدايت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار جي پهرين ترجيح امن امان بحال ڪرائڻ آهي، ڪوشش آهي ته ڪراچي شهر جو رونقون اڳ جيان بحالي ٿي وڃن.  رينجرز جي ڪارڪردگي جي به ساراهه.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *