ڪراچي شهر ۾ اسٽريٽ لائيٽس ۽ شاهراهن جي مرمت لاءِ سنڌ حڪومت بجيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سڌ سماءَ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي شهر ۾ اسٽريٽ لائيٽس، شاهراهن جي مرمت لاءِ سنڌ حڪومت بجيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان ڪم به شروع ٿي چڪو آهي. سومر تي سنڌ اسيمبلي ۾ ايم يڪو ايم جي ميمبر وقار حسين شاهه جي توجهه ڏياريو نوٽيس تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. وقار حسين شاهه چيو ته ملير ندي تي شاهه فيصل برج تي اسٽريٽ لائيٽس ڪم نه پيون ڪن جنهن جي ڪري ڪيترائي حادثا ٿي چڪا آهن شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي شهر ۾ جيڪي اسٽريٽ لائيٽس لڳايون ويون هيون انهن کي هلائڻ جو ڪو به مڪينزم جوڙيو نه ويو شهر ۾ ٻه وڏا مسئلا آهن هڪ مسئلو اسٽريٽ لائيٽس جو آهي ٻيو مسئلو روڊن تي کڏا پوڻ جو آهي اسان سنڌ جي وڏي وزير کان ٻئي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بجيٽ گهري هئي وڏي وزير بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ٻئي ڪم شروع ٿي چڪا آهن اسان ڪراچي کي ٻيهر روشنين جو شهر بڻائينداسين ۽ ٿيندڙ ڪم ماڻهن کي نظر ايندو. هن چيو ته هڪ پرڏيهي اين جي اوز ڪراچي جي سمورين اسٽريٽ لائيٽس سولر سسٽم تي منتقل ڪرڻ گهري ٿي ان سان معاملا طئه ڪيا پيا وڃن ته ان کي ڪهڙي طرح رقم واپس ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *