ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار شرڌا ڪپور پنهنجي عاشقي واري خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ادتيا راءِ منهنجو بهترين دوست آهي.بالي ووڊ جي سپر هٽ فلم عاشقي 2 مان شهرت جي اوچائن تي پهچڻ واري بالي ووڊ اسٽار شرڌا ڪپور جو چوڻ آهي ته هو هميشه چوندي رهي آهي ته اسان ٻئي سٺا دوست آهيون ۽ رهنداسين هن جو چوڻ آهي ته فلم عاشقي 2 ۾ هن جو ۽ ادتيا راءِ جو هڪ خاص تجربو هو. جنهن کانپوءِ اسان جي دوستي ۾ وڌيڪ مضبوطي آئي.