خوبصورت شخصيت رکندڙ فنڪار شوبز ۾ جلد ڪامياب ٿيندا آهن: عائشه عمر

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل عائشه عمر چيو آهي ته انسان جي شخصيت ان جي ڪردار جو آئينو هوندي آهي، ۽ اهي ئي فنڪار جلد ڪامياب به ٿيندا آهن.هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستاني ٽي وي ۽ فلم انڊسٽري جي ڪيترن ئي پروڊيوسرن انڊسٽري کي بحران مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ اهم ڪردار نڀايو آهي. نوجوان فلم ميڪرز سٺيون ۽ مياري فلمون پڻ ٺاهي رهي آهن جنهن جي ڪري اداڪارن ۾ به اعتماد ۽ همت وڌي آهي. عائشه عمر چيو ته ٽي وي  جي چينلن جي وڌڻ ڪري فنڪارن جا معاشي مسئلا به گهڻي ڀاڱي حل ٿيا آهن جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *