ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار پاريش راول چيو آهي ته اسڪرين تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو ڪردار ادا ڪرڻ منهنجي لاءِ تمام گهڻو مشڪل هوندو، ڀارتي ميڊيا مطابق اداڪار صحافين سان ڳالهائينديچيو ته نريندر مودي تي ٺهندڙ فلم جي شوٽنگ آگسٽ ۾ شروع ٿيندي هن چيو ته هڪ اداڪار لاءِ ايتري وڏي ليڊر جو ڪردار ادا ڪرڻ حقيقت ۾ هڪ وڏي چئلينج هوندو آهي ۽ ائين ئي مون سان به آهي هن چيو ته ان ڪردار الاءِ مون کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي.