اميتاڀ بچن ڀارت جو سڀ کان وڏو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو

نئين دهلي(شوبز نيوز)ڀارتي ميڊيا مطابق ڀارت ۾ بگ بي جي نالي سان مشهور اداڪار اميتاڀ بچن کي ان جي فني خدمت جي عيوض ۾ ڀارتي حڪومت اعليٰ ترين سول اعزاز “ پدم ڀوشن ” سان نوازيو آهي، اميتاڀ بچن کي هي ايوارڊ راشٽر پتي ڀون ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ ڏنو ويو، جتي هن ڀارتي صدر پرناب مکر جي هٿان وصول ڪيو، جڏهن ته اميتاڀ بچن جي گهر واري جيا بچن، پٽ اڀيشيڪ بچن، ڌي شويتا ۽ ننهن ايشوريا راءِ بچن به شرڪت ڪئي. واضع رهي ته اميتاڀ بچن کي ان جي بهترين صلاحيتن تي 1984ع ۾ “پدم شري” ۽ 2001ع ۾ “ پدم ڀوشن ” جي اعزاز سان نوازيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *