حڪمران آمريڪا ۽ سعودي عرب جي خوش آمد ڪرڻ لاءِ پرائي جنگ ۾ ٽنگ اڙائي رهيا آهن: رسول بخش پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف پنهنجي وجود جي بچاءَ جي جنگ ۾ رڌل آهي، ان ڪري پرائي جنگ ۾ ٽنگ نه اڙائي وڃي، پاڪستان سعودي جي مدد لاءِ ويو ته دشمن فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا پليجو هائوس قاسم آباد تي پريس ڪانفرنس ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو چيو ته پاڪستاني حڪمران آمريڪا ۽ سعودي جي خوش آمد ڪرڻ لاءِ پرائي جنگ ۾ ٽنگ اڙائي رهيا آهن، جنهن عمل سان رياست کي نقصان ٿي سگهي ٿو، امريڪا سدائين ٻين ملڪن کي استعمال ڪري فائدو حاصل ڪيو آهي، انڪري عقل کان ڪم ورتو وڃي. هن چيو ته آمريڪا پاران نائن زيرو تان هٿ آيل نيٽو جي هٿيارن جي ترديد ڪرڻ به پاڪستان جي ساليمت خلاف سازش آهي، ايم ڪيو ايم وٽ موجود تربيت يافته ويڙهاڪ آمريڪا جا دوست آهن، جنهن جي ڪيترائي ڀيرا اخبارون ۾ پڌرائي ڪئي وئي آهي. رسول بخش پليجو چيو ته حڪمرانن کي آمريڪا پاران شروع ڪيل عالمي جنگ جو حصو نه بڻجڻ گهرجي.. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري انور سومرو، نور ڪاتيار ۽ ٻيا پڻ موجود هئ

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *