ڪجهه اداڪارن جون گهرواريون مون کان ڊڄنديون آهن: سني ليون

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره سني ليون جو چوڻ آهي ته ڪجهه اداڪارن جون گهرواريون اڃان به مون کان ڊڄنديون آهن ۽ نه چاهيون آهن ته انهن جا مڙس ڪنهن فلم ۾ مون سان گڏ اداڪاري ڪن هڪ انٽرويو ۾ سني ليون چيو ته ڪجهه گهروارين کي شايد اهو ڊپ آهي ته جيڪڏهن انهن جا مڙس مون سان گڏ ڪنهن فلم ۾ اداڪاري ڪندا ته هو انهن کي ڇڏي ڏيندا هن چيو ته ايئن ڪجهه به ناهي، مان صرف انهن سان اداڪاري ڪرڻ چاهيان ٿي  مون کي ڪنهن جي مڙس جي ڪابه ضرورت ناهي ڇو ته مان شادي شده آهيان ڪجهه فنڪار اڃان به اهرا آهن جيڪي مون سان گڏ ڪم ڪرڻ تي راضي نه ٿا ٿين منهنجي پسمنظر کان انهن کي خوف ٿئي ٿو ۽ انهن کي لڳي ٿو ته مون سان اسڪرين شيئر ڪرڻ انهن جي ڪيريئر لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *