جهاڙکنڊ(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا هٿان بدترين شڪست تي ڀارتي عوام رانديگرن خلاف احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته مڇريل ماڻهن طرفان حملي جي خدشي کي نظر ۾ رکندي جهاڙکنڊ رياست جي علائقي رانچي ۾ واقع ڌوني جي گهر ٻاهران فوج مقرر ڪئي وئي آهي، ڀارتي عوام ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ ڪينگورز جي هٿان بدترين شڪست جو ذميوار ٽيم ۾شامل رانديگرن کي قرار ڏئي رهيا آهن هنن جو چوڻ آهي ته پهريان فيلڊنگ ۾ رانديگرن ناقص ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو پوءِ رهيل ڪسر هدف جي پيڇي ۾ پوري ڪري ڇڏي.