آئي سي سي طرفان ورلڊ ڪپ فائنل لاءِ امپائرن ۽ ريفري جو اعلان

دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي پڌرائي موجب آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ 29 مارچ تي ميلبورين ۾ ٿيندڙ فائنل ميچ  ۾ ڌرما سينا ۽ رچرڊ ڪيٽل امپائرنگ جي ذميداري سنڀاليندا، جڏهن ته سريلنڪا جو مدو ڪالي ميچ جو ريفري هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *