سينيٽ جي چونڊ: نواز سرڪار لاءِ ٽيسٽ ڪيس ؛عاجز جمالي

هلندڙ مهيني جي پهرين هفتي جي پڄاڻيءَ تي مُلڪ ۾ سينيٽ جي چونڊ آهي، سينيٽ کان اڳ سرڪار قومي اسيمبليءَ ۾ آئين جي 22هين ترميم آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن سينيٽ جي چونڊ ۾ گهوڙن جي واپار کي روڪي سگهجي. ساڳي وقت سرڪار تي تحريڪ انصاف جو به اهو دٻاءُ هو ته سينيٽ ۾ ڳجهي ووٽنگ بدران اميدوارن کي هٿ کڻائي شو آف ڪجي. اصل ۾ پي ٽي آءِ کي خيبرپختونخوا ۾ ۽ نواز ليگ کي بلوچستان ۾ پنهنجين پارٽين اندر گهوڙن جي ڊوڙ نظر اچي رهي آهي، ان ڪري هو هارس ٽريڊنگ (گهوڙن جي واپار) کي روڪڻ چاهين ٿيون. پر ٻئي طرف پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ ۽ اي اين پي سان اهڙو ڪو مسئلو ڪونهي. ٻي ڳالهه ته پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، نواز شريف کي سينيٽ جي چيئرمين لاءِ پيپلز پارٽي جي اميدوار جي حمايت ڪرڻ جو چيو. ذريعن چواڻي نواز شريف اها ڳالهه ڪونه مڃي. نواز ليگ خود سينيٽ چونڊ لاءِ ووٽ خريد ڪري رهي آهي، اُن ڪري کيس اندازو آهي ته سندس سينيٽ ۾ سيٽون وڌي وينديون. نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي ٻيهر ويجهو آڻڻ جو رستو صاف ڪيو، پر آصف زرداري وري پنهنجن سمورن اتحادين کي پنهنجي صف ۾ بيهارڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويو.
اڄ ايم ڪيو ايم، اي اين پي، مولانا فضل الرحمان، آصف زرداري سان گڏ بيهي رهيا. سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم کي پاڻ سان گڏ رکڻ لاءِ ممڪن آهي ته پيپلز پارٽي جو هڪ سينيٽر به گهٽ ٿي وڃي پر ماضي جي سڀني اتحادين سان گڏجي آصف زرداري سينيٽ جي چيئرمين لاءِ رستو صاف ڪري رهيو آهي. ساڳي ريت زرداري 22هين ترميم کي روڪڻ ۾ به ناڪام ٿي ويو. سندس چواڻي عمران خان 22هين ترميم جي ذريعي اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ ٿو چاهي. کيس اسيمبلي ۾ اچڻو آهي ته 22هين ترميم جي ڇٽيءَ هيٺ ڇو ٿو اچي. مزيدار ڳالهه ته آصف علي زرداري، عمران خان ۽ سراج الحق سان به رابطا ڪيا آهن. ممڪن آهي ته هو انهن سان ملاقاتون به ڪري، آصف زرداري عمران خان ۽ جماعت اسلامي کان به سينيٽ جي چيئرمين شپ لاءِ مدد گهرندو، ۽ اُتان ئي عمران خان لاءِ امتحان جي گهڙي شروع ٿيندي.سرڪار خلاف ڌرڻا هڻندڙ عمران خان وٽ ٻه رستا بچندا ته هو سينيٽ جي چيئرمين شپ لاءِ پيپلز پارٽي کي ووٽ ڪري يا نواز ليگ کي. سياست بي رحم شيءِ آهي، عمران خان جي غضب کان نواز شريف کي بچائيندي آصف زرداري ۽ فضل الرحمان اڄ نواز شريف جي خلاف بيٺا آهن ۽ نواز شريف جي سرڪار ڊاهڻ لاءِ ڌرڻا هڻندڙ عمران خان جيڪڏهن نواز شريف کي ووٽ ڪندو ته پوءِ عمران خان جو اصلي سياست جو نعرو ڪٿي بيٺو هوندو؟
اهوئي سبب آهي جو عمران خان کي خوف آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا مان نواز ليگ سندس گهوڙا خريد ڪندي، انهن گهوڙن تي ڪروڙين رپيا لڳي چُڪا آهن. عمران خان جي سياست ۾ وفاداري جي پت به وائکي ٿيڻي آهي. 9 مارچ جون اخبارون پڙهي ڏسجو، سڀ پرڪار پڌرا ٿي ويندا. ڏسي وٺجو ته ڪير ڪنهن کي ٿُڏي ويو. اها به حيرت جهڙي ڳالهه هوندي ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي ٺاهه سبب سنڌ ۾ ئي گڏهن، گهوڙن جو ڪاروبار ڪمزور هوندو، باقي ٽنهي صوبن ۾ گهوڙا وڪامندي نظر پيا اچن. سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) ايم پي ايز ڊوڙ کان ئي ٻاهر آهي. فنڪشنل ليگ هڪ سيٽ حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ آهي. امام الدين شوقين سنڌ مان فنڪشنل ليگ جو اميدوار آهي.پيپلز پارٽي وٽ سينيٽ جي چيئرمين شپ لاءِ رضا رباني ۽ اعتزاز احسن جهڙا اُميدوار هوندا، جيڪي سياسي اخلاقيات جا مضبوط ٿنڀا تصور ڪيا پيا وڃن. سو ان ڪري به سندن پاسو مضبوط ٿي سگهي ٿو. پيپلز پارٽي جيڪڏهن سينيٽ ۾ پنهنجو چيئرمين آڻڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي ته اها سرڪار جي وڏي شڪست هوندي ۽ مستقبل ۾ پيپلز پارٽي هڪ وڏو اتحاد جوڙي سگهي ٿي. ڇو ته پيپلز پارٽي جو خيال آهي ته ايندڙ سال جي آخر ۾ عام چونڊن لاءِ ماحول تيار ٿي ويندو ۽ 2017 چونڊن جو سال هوندو. جڏهن ته عمران خان جو خيال آهي ته ايندڙ سال چونڊون ٿيڻ گهرجن. ممڪن آهي ته اڳتي هلي عام چونڊن جي سوال تي عمران خان جو آصف زرداري سان اتحاد ٿي وڃي، ڇو ته سياست بي رحم شيءِ آهي.
سينيٽ جي چونڊ ۾ نه رُڳو پيپلز پارٽي پنهنجي چيئرمين جي چونڊ لاءِ سرگرم آهي پر سينيٽ جي چيئرمين شپ ايندڙ عام چونڊن لاءِ ٽيسٽ ڪيس به ثابت ٿي سگهي ٿي. ساڳي ريت سينيٽ جي چونڊ نواز شريف جي سرڪار لاءِ پڻ ٽيسٽ ڪيس ثابت ٿي سگهي ٿي. گهوڙن جي ڊوڙ کي هو جيڪڏهن روڪي نه ٿو سگهي ته عمران خان پاران وري ڌانڌلي جو الزام اچڻ وارو آهي ۽ سرڪار جيڪڏهن ڌانڌلي وسيلي پيپلز پارٽي جي چيئرمين کي روڪيو ته پيپلز پارٽي سندس خلاف ميدان ۾ لهندي. آصف زرداري چوي ٿو ته جيڪو حڪومت ۾ هوندو آهي اُن کي جهڪي هلڻو ٿو پوي ۽ اکيون هيٺ رکڻيون ٿيون پون. زرداري هن مُلڪ جي سياست جو گهرو تجربو رکي ٿو، اُن ڪري نواز شريف جي سرڪار لاءِ سينيٽ جي چونڊ خود وڏو امتحان ثابت ٿي سگهي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *