سنڌ کي ضرورت مطابق بجلي ڏيڻ جي گُهر

سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت ۾ جيئن ئي اجلاس شروع ٿيو ته  پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽميٽ بابت ميمبرن جا لکت ۽ ضمني پڇيل سوالن جو وفقو شروع ٿيو . جنهن ۾ فنڪشنل ليگ جي عورت ميمبر  نصرت سحر عباسي  پبلڪ هليٿ انجنيئرنگ کاتي جي وزير کان لکت ۾ سوال ڪيو ته ڇا اها حقيقت آهي ته پيئڻ جي پاڻي جو بحران آهي، سکر ۽ اندرين سنڌ ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي استعمال ٿي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ موت مار بيماريون پکڙ جي رهيون آهن ؟ ان تي سينيئر وزير  تعليم نثا ر احمد کهڙي سخت اعتراض واريندي احتجاج ڪيو ۽ چيو ته  سنڌ هڪ آهي، سنڌ اندرين ۽ ٻاهرين ناهي، هن چيو ته اڳ زباني اهو چيو ويندو رهيو آهي ته ڪراچي ۽ سنڌ ، اهڙي ٻولي ٻين صوبن ۾ ڇو نٿي ڳالهائي وڃي، هاڻ ته لکت ۾ به  ميمبر اهي لفظ استعمال ڪري رهيا آهن ، ان تي معزز ميمبرياڻي معافي وٺي، جنهن تي نصرت سحر عباسي چيو ته هو سنڌ دوست آهي، سنڌ ته اوهان پي پي پي وارن ٻٽو مڪاني نظام لاڳو ڪري ورهائي هئي، مون اندروني سنڌ نه لکيو آهي اها اسيمبلي سيڪريٽريٽ وارن  جي غلطي آهي، جنهن تي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته ميمبر ايوان ۾ غلط بياني پئي ڪري پنهنجي غلطي اسيمبلي عملي تي مڙهي رهي آهي  تنهن ڪري معافي وٺي نه ته اسيمبلي ان خلاف ڪارروائي ڪندي. ان تي مڪاني ادارن ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري کاتي جي وزير  شر جيل انعام ميمڻ چيو ته معزز ميمبر لکت ۾ سکر ۽ اندرين سنڌ استعمال ڪئي آهي معافي به نٿي وٺي ۽ غلطي به تسليم نٿي ڪري، ان دوران ايوان ۾ سخت گوڙ ٿي ويو، ان جو جواب ڏيندي  فنڪشنل ليگ جي عورت ميمبر نصرت سحر عباسي چيو ته هن ايوان ۾ وڏي وزير سميت سمورا ميمبر اندرين سنڌ جو الفظ استعمال ڪندا آهن، جنهن تي سينيئر وزير تعليم نثار احمد کهڙي جذباتي ٿيندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم  جي حمايت ڪندڙن اندرين سنڌ لکي سنڌ جي وحدت تي وار ڪيو آهي اهو برداشت نه ڪنداسين .ا ن تي معافي ورتي وڃي، ان دوران ڊپٽي اسپيڪر وچ ۾ پوندي  رولنگ ڏني ته لکت ۾ پڇيل سوال ۾ اندرين سنڌ وارو لفظ حذف ڪجي ٿو ۽ ميمبرن کي تاقيد ڪجي ٿي ته هو آئينده ڪراچي ۽ سنڌ ۽ اندرين سنڌ جا لفظ استعمال نه ڪن، ان دوران مڪاني ادارن واري وزير ۽ نصرت سحر عباسي ۾ سخت جملن جي ڏي وڄ شروع ٿي ته ڊپٽي اسپيڪر ان جي مائيڪ سميت سمورن ميمبرن جون مائيڪون بند ڪرائي ڇڏيون، جڏهن ته پبلڪ هليٿ انجنيئرنگ واري کاتي جي وزير وڌيڪ پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته 245 مان 168 واٽر سپلا جون اسڪيمون گذريل پنج سالن ۾ مڪمل ٿي سگھيون آهن  باقي اسڪيمون ان ڪري مڪمل نه ٿيون جو فنڊن جي کوٽ هئي ، هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي صوبائي وزير چيو ته نساسڪ سان مشرف جي دور حڪومت ۾ ٺاھ ٿيو هو ، ان جي ڪارڪردگي مان مطمين نه آهيون، وڏو وزير به انهن تي ناراض آهي ايشين بينڪ سان 30 سالن جو ٺاھ آهي اهو ٺاھ ترقي ۽ رٿا بندي کاتي ڪيو هو ختم به اهي ڪري سگھن ٿا ، پبلڪ هليٿ يا مڪاني ادارن جي کاتي جو ان سان ڪو به تعلق ناهي اسان ان ٺاھ کي ختم نٿا ڪري سگھون .  هن چيو ته 14-2013ع جي مالي سال جي بجيٽ ۾ غير فعال اسڪيمون  مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا هئا هلندڙ سال ۾اهي رٿائون  مڪمل ڪيون ويندون، هن اهو به چيو ته نساسڪ جو گھوٽڪي جي انتظاميا سان ڪنهن به قسم جو ٺاھ نه ٿيو آهي، هن چيو ته حڪومت نساسڪ اڳيان بليڪ ميل ٿيل آهي. ڪجھه نٿي ڪري سگھي،  صوبائي وزير چيو ته حيدر آباد ۾ 30 فلٽر پلانٽ لڳايا ويا هئا . جنهن مان 19 هلندڙ آهن 11 پلانٽ فنڊ نه هجڻ سبب مرمت نه ٿيڻ ڪري بند پيل آهن، صوبائي وزير شر جيل انعام ميمڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي اشتهار ڏيڻ بابت ايم ڪيو ايم جي ميمبر نائله منير  جي لکت واري پڇيل سوال جو جواب ڏيندي چيو ته 12-2011ع ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا  ڪو نه هئي ان ڪري انهن کي ڪو به اشتهار نه ڏنو ويو آهي، 13-2012۽ 14-2013ع ۾ اليڪٽرونڪ ميڊيا کي رقم ادا ڪئي وئي آهي  جنهن ۾ 13-2012ع ۾ چينلن کي اشتهارن جي مد ۾ 5 ڪروڙ 79 لک 81 هزار 905 رپيا ۽ 14-2013ع ۾ 3 ڪروڙ 1 لک 45 هزار 392 رپيا ادا ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *