ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري سبرامنيم جي شنڪر اڄ اسلام آباد پهچندو

اسلام آباد (بيورو) ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري سبرامنيم جي شنڪر سارڪ ياترا جي ٽئين مرحلي ۾ سڀاڻي اسلام آباد پهچندو، سبرامنيم جي شنڪر ٻن ڏينهن اسلام آباد ۾رهندو پاڪ ڀارت پرڏيهي سيڪريٽري ملاقات سڀاڻي صبح جو پرڏيهي آفيس ۾ ٿيندي جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي پاڪ ڀارت ڳالهيون ٿينديون، دوري ۾ ڀارتي  پرڏيهي وزارت جو اعليٰ سطحي وفد به پرڏيهي سيڪريٽري سان گڏ هوندو، ڳالهين ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جا سمورن حصن جو جائزو ورتو ويندو سبرامنيم جي شنڪر پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سان به ملاقات ڪندو جڏهن ته پاڪ ڀارت گڏيل پريس ڪانفرنس جو فيصلو اڃان تائين ناهي ٿيو، ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات طئه ڪئي پئي وڃي، ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو خصوصي پيغا۾ پاڪستاني قيادت کي پهچائيندو،  ڀارت ٻه طرفي پرڏيهي سيڪريٽري ڳالهيون گذريل سال ملتوي ڪيون هيون ڀارت پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط جي ڪشميري قيادت سان ملاقات کي ڳالهين جي ملتوي جو لاءِ عذر بڻايو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *