اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) ايران جي ٽيم 12 ويسٽ ايشيا بيس بال ڪپ ۾ شرڪت کان پوءِ گذريل ڏينهن صبح جو ايران لاءِ رواني ٿي وئي، بينظيرانٽر نيشنل ايئرپورٽ تي ايراني ٽ:م جي 23 رڪني جٿي کي پاڪستان بيس بال جي نمائندي رائو آصف ۽ اسلام آباد بيس بال ايسوسيئيشن جي صدر الوداع ڪيو، روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايراني رانديگرن جو چوڻ هو ته پاڪستان اچڻ سٺو لڳو ۽ هتي جا ماڻهو محبت ڪندڙ آهن