ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ سخت مقابلن جو سلسلوجاري، اڄ ڏکڻ آفريقا ۽ آئرلينڊ آمهون سامهون ٿيندا

ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) يارهين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ (اڄ) اڱاري تي پول بي جون ٽيمون ڏکڻ آفريقا ۽ آئرلينڊ منوڪا اوول ڪينبرا ۾ آمهون سامهون ٿينديون، تفصيل موجب ورلڊ ڪپ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ جاري آهي، ميگا ايونٽ ۾ گذريل ڏينهن ڪا ميچ نه کيڏي وئي، جڏهن ته (اڄ) اڱاري تي واحد ميچ ۾ پول بي جون ٽيمون ڏکڻ آفريقا ۽ آئرلينڊ آمهون سامهون ٿينديون، پول بي ۾ ڏکڻ آفريقا ۽ آئرلينڊ جون 4، 4 پوائنٽس آهن پر بهتر رن ريٽ سبب ڏکڻ آفريقا ٻئين ۽ آئرلينڊ ٽئين نمبر تي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *