400 هين ميچ ۾ ڪمار سنگاڪارا جي ناقابل شڪست سينچري

ميلبورن(اسپورٽس نيوز) سري لنڪا ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ مايه ناز بيٽسمين ڪمار سنگا ڪارا 400 ون ڊي ميچون کيڏندڙ دنيا جو چوٿون ۽ سري لنڪا جو ٽيون بيٽسمين بڻجي ويو. اي پي پي اسپورٽس ڊيسڪ موجب بنگلاديش خلاف ورلڊ ڪپ جي پول ميچ ۾ هو ان سنگ ميل تائين پهتو.400 هين ميچ کي يادگار بڻائيندي هن 105 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو، سندس اننگز ۾ هڪ ڇڪو ۽ 13 چوڪا شامل هئا. 37 سالن جو سنگاڪارا اهو اعزاز حاصل ڪندڙ دنيا جو چوٿون ۽ سري لنڪا جو ٽيون بيٽسمين بڻجي ويو آهي. ان کان اڳ ليجنڊ بيٽسمين سچن ٽنڊولڪر، سنٿ جي سوريا ۽ مهيلا جي ورڌني اهو اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن. ڪمار سنگا ڪارا هيل تائين 400 ميچن ۾ 41.20 جي سراسري سان 13 هزار 844 رنسون اسڪور چڪو آهي جنهن ۾ 22 سينچريون ۽ 93 ففٽيون شامل آهن. هو ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو ٻيون ۽ سري لنڪا جو پهريون بيٽسمين آهي.اي پي پي/ ن- ش 14:04

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *