سنڌ ۾ غيرقانوني مدرسن خلاف آپريشن

شڪارپور سانحي کان پوءِ مختلف شهرن ۾ غير قانوني هلندڙ مدرسن کي سيل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ اڻ رجسٽرڊ مدرسن توڙي رجسٽرڊ مدرسن جي جاچ پڙتال ڪندي ڊويزن جي ڪيترن ئي اڻ رجسٽرڊ مدرسن جي سنڀاليندڙن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. هوڏانهن لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪمشنر ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو نيشنل ايڪشن پلان تي عمل لاءِ ڊويزن جي مختلف ضلعن ۾ اسڪولن، مسجدن، امام بارگاهن، مندرن، گرجا گهرن بابت هنگامي بنيادن تي اڄ ڊويزن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن توڙي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پيز ۽ ڳجهن ادارن جي عملدارن جي هڪ گڏجاڻي طلب ڪري ورتي آهي. هن چيو ته ڊويزن اندر وال چاڪنگ کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ لائوڊ اسپيڪر ذريعي ڪنهن به ماڻهو انتشار پکيڙڻ واري تقريرون ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا. جڏهن ته لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي ڪامران نواز صحافين کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ضلعي اندر 110 مدرسا آهن، جن مان ڪيترائي غير رجسٽرڊ آهن ۽ انهن جي سروي ڪئي پئي وڃي ۽ انهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو لائحه عمل جوڙيو ويندو. ٻئي پاسي ڊي آءِ جي حيدرآباد ريجن جي حڪم تي ڊي ايس پي ميهڙ جي اڳواڻي ۾ ميهڙ جي بي سيڪشن ۽ اي سيڪشن ٿاڻن جي پوليس اٽالن مختلف غير قانوني هلندڙ مدرسن مدرسا فيضان، مدرسا عزيزيه سراج العلوم، جمعيته القرآن، مدرسا عثمان، ذوالنورين کانسواءِ فريدآباد ۽باليشاهه ٿاڻن جي پوليس مدرسن کي سيل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پوليس ميهڙ، فريدآباد، ٿرڙي محبت، راڌڻ شاهه پنجو، سميت ٻين شهرن ۽ڳوٺن ۾ مذهبي تنظيمين جي چاڪنگ کي ڊاهيو ويو. هوڏانهن مانجهند پوليس ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ پوليس اڻ رجسٽرڊ مدرسن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪندي ڳوٺ بٺو ۾ جهادي بندش پيل تنظيم جي اڻ رجسٽرڊ مدرسي ڪنزالعلوم حسينيه تي چڙهائي ڪري مولوي ۽ کٿابين کي ٻاهر ڪڍي مدرسي کي سيل ڪري نفري بيهاري ڇڏي ايس ايڇ او  ميڊيا کي ٻڌايو ته اڻ رجسٽرڊ ٿيل مدرسن کي ڪنهن به صورت ۾ هلڻ نه ڏنو ويندو ان سان گڏ سمورن مسجدن ۾ مذهبي ڌرين کي آذان ۽ جمعي جي خطبي کان سواءِ لائوڊ اسپيڪرن جي استعمال تي نوٽيس جاري ڪيا آهن. جڏهن ته مٽياري ۾ غير قانوني هلندڙ 10 مدرسن کي سيل ڪيو ويو جن ۾ عثمانيه، عربيه دارلعلوم، امينه پنج مورو، تعليم القرآن، الفلاح ڀٽ شاهه، جامع صديقي، جامع اماميه ۽ ٻيا مدرسا شامل آهن. جڏهن ته حيدرآباد ۾ لائوڊ اسپيڪرن جي استعمال واري قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 11 مولوين مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا ان کان علاوه 11 غير قانوني مدرسن کي سيل ڪيو ويو.

سينيٽ ۾ هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ ٻاويهين ترميم جو فيصلو

حڪومت سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ 22 هين ترميم آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته پ پ ۽ فضل الرحمان مخالفت ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد(ع آ نيوز) سينيٽ چونڊن م هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ شو آف هينڊ بدران بيلٽ پيپر تي ووٽر جو نالو لکڻ جي تجويز سامهون اچي وئي آهي.جنهن جو فيصلو وزير اعظم نواز شريف جمعي تي ڪندو. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ امڪاني 22 هين ترميم جي حمايت نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇيو آهي. سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر جون پارٽيون سرگرم ٿي ويون آهن. ان حوالي سان هڪ تجويزي مسودو تيار ڪري وزير اعظم نواز شريف کي موڪليو ويو آهي. مسودي ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ ”شو آف هينڊ“ هٿ کڻي ووٽ ڏيڻ بدران ووٽر بيلٽ پيپر تي پنهنجو نالو لکي. مسودي ۾ اها به تجويز ڏني وئي آهي ته آئين م ترميم ڪئي وڃي ته پارٽي خلاف ووٽ ڏيندڙ پارليامينٽ ميمبر نا اهل ٿي ويندو. اهي تجويزون حڪومت پاران پيش ڪيون ويون آهن جيڪي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه کي پيش ڪيون ويون آهن. نجي ٽي وي چينل دنيا نيوز موجب تجويزن تي مشاورت لاءِ وزير اعظم نواز شريف جمعي تي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سان ملاقات ڪندو. جنهن ۾ هارس ٽريڊنگ بابت آيل تجويزن تي ڳالهايو ويندو. ان حوالي سان حڪومت ٻين پارٽين کي به اعتماد ۾ وٺندي. گذريل ڏينهن ڪميٽي جي سربراهه خواجه سعد رفيق جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري امڪاني آئيني ترميم تي کيس اعتماد ۾ ورتو. خواجه سعد رفيق جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف کي به معاملي تي اعتماد ۾ ورتو ويندو. جنهن تي مولانا فضل الرحمان چيو ته اهو سڀ ڪجھه تحريڪ انصاف لاءِ ئي ته ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اسين حڪومت جا اتحادي آهيون پر 22 هين آئيني ترميم جي حمايت نه ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ان کان اڳ حڪومت 21 هين ترميم آڻي مدرسن کي ٽارگيٽ بڻايو. سينيٽ جي 52 سيٽن تي چونڊن لاءِ ووٽنگ 5 مارچ تي ٿيندي. هوڏانهن حڪومت مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ پ پ جي رضا رباني سان رابطو ڪيو پر انهن واضح جواب نه ڏنو آهي. معلوم ٿيو آهي ته عمران خان ترميم جي حمايت جو فيصلو ڪيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *