اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان آرمي چيف جنرل راحيل شريف ملاقات ڪري قومي ايڪشن پلان سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف، وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران دهشتگردي خلاف قومي ايڪشن پلان ۽ آپريشن ضرب عضب سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب، ملاقات دوران آءِ ڊي پيز جي واپسي ۽ سڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.