قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت رپورٽ وزيراعظم کي پيش

اسلام آباد (بيورو) قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي رپورٽ وزيراعظم نواز شريف کي پيش ڪئي وئي آهي،  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 1250  انٽيليجنس آپريشن سان گڏ سڄي ملڪ ۾ 19 هزار کان وڌيڪ آپريشن ڪري 19 هزار 272 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن 24 ڊسمبر 2014 کان 21 فيبروري 2015 تائين مليل ڄاڻ تحت قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي رپورٽ وزيراعظم نواز شريف کي پيش ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ گڏيل طور تي19هزار 7 سئو 89 آپريشن ڪري 19 هزار 2 سئو 72 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. رپورٽ موجب، سڀ کان وڌيڪ پنجاب  11 هزار 6 سئو 34 آپريشن ڪيا ويا،  جڏهن ته سنڌ ۾ 2003، خيبرپختونخواهه ۾ 3 هزار 7 سئو 33، اسلام آباد ۾ 6 سئو 68، آزاد ڪشمير ۾ 3 سئو 98،گلگت ۾ 35 ۽ فاٽا ۾ 68 آپريشن ڪيا ويا. وزيراعظم کي آگاهي ڏني وئي ته فنڊز منتقل جي ڪيسن ۾ 26 ڪيس داخل ڪري ملوث 23 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال تي 24 سئو 97 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو. رپورٽ موجب، ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي پڻ 12 سئو 50 آپريشن ڪيا ويا، جنهن دوران دهشتگردن جي اهڙن منصوبن ناڪام بڻايو ويو، جيڪڏهن اهي ڪامياب وڃن ها ته وڏي تباهي اچي ها.  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي رپورٽ موجب، هنڊي ذريعي رقم موڪلڻ تي 23 ڪيس داخل ڪري 26 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا، جن وٽان ساڍا 5 ڪروڙ رپين جي رقم به هٿ ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نادرا جي مدد سان 5 ڪروڙ 76 لک سمز جي تصديق ٿي چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *