اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) 12 هون ويسٽ ايشيا ڪپ بيس بال ٽورنامينٽ اڄ سومر کان پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس، اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو. پاڪستاني رانديگر ايونٽ ۾ ٽائيٽل جو دفاع ڪندا. پاڪستان بيس بال فيڊريشن جي صدر سيد خاور شاهه ٻڌايو ته ٽورنامينٽ ۾ 5 ملڪن جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن جن ۾ ميزبان پاڪستان، عراق، ايران، افغانستان ۽ ڀارت جون ٽيمون شامل آهن. ايونٽ سنگلز ليگ جي بنياد تي کيڏيو ويندو ۽ 28 فيبروري تائين جاري رهندو.