ورلڊڪپ 2015ع: سريلنڪا دلچسپ مقابلي بعد افغانستان کي 4 وڪيٽن سان هارائي ڇڏيو

ڊيويڊن (اسپورٽس نيوز) يارهين آءِ سي سي ورلڊڪپ جي 12 هين ميچ ۾ سريلنڪا جي مهيلا جئه ورڌني جي شاندار سينچريءَ عيوض افغانستان کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي، آئرلينڊرز 233 رنسن جو هدف 49 هين اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو ۽ 18 جي مجموعي اسڪور تي 3 وڪيٽون ڪرڻ کان پوءِ تجربيڪار بيٽسمين مهيلا جئه ورڌني انتهائي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 100 رنسن جي دلڪش راند کيڏي ٽيم کي اپسيٽ شڪست کان بچائي ورتو.آچر ڏينهن ڊيويڊن ۾ ٿيل پول اي جي ميچ ۾ سريلنڪا جي ڪپتان اينجلو ميٿيو ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. افغان ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 49.4 اوورن ۾ 232 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي. جواب ۾ سريلنڪا جي ٽيم دلچسپ مقابلي بعد اهو هدف 48.2 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو. سريلنڪا جي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اڳوڻي ڪمپتان مهيلا جئه ورڌني جي ذميدار بيٽنگ ۽ 100 رنسن جي شاندار اننگ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هن ٽيم کي مشڪل مان ڪڍي ڪاميابي ڏياري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *