شڪارپور جي شهيدن جو رت انصاف گهري ٿو…؟

 

شڪارپور سانحي جي شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو ڪالهه به جاري رهيو، مرڪزي امام برگاھه معلى ڪربلا لکيدر تي گذريل ڏينهن پاڪستان ورڪرس هائيڊرو يونين پاڪستان جي مرڪزي صدر عبداللطيف نظاماڻي، خورشيد احمد خان، نثار احمد شيخ، حاجي سڪندر، عنايت شيخ، سيد امداد شاھه، عبدالصمد انڙ ۽ ٻين شهداءِ ڪاميٽي جي اڳواڻن علامه مقصود علي ڊومڪي، سيد عطاءَ حسين شاھه، مولانا سڪندر علي دل سان تعزيت ڪئي. جيئي سنڌ قومي محاذ ناري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ناياب پنهنجي ٻين پارٽي عهديدارن سان گڏجي شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪندي ٻي طرف پ پ ايم اين اي اعجاز جکراڻي به شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪئي، هوڏانهن شهداءَ ڪاميٽي لکيدر چوڪ تي بک هڙتال ڪئي وئي جتي اڳواڻ علامه مقصود علي ڊومڪي، مولانا سڪندر علي دل، قمرالدين شيخ، فدا عباس، سيد عطاءَ حسين شاھ سميت سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ جا وارث ۽ شهيدن جا معصوم ٻارڙا به شامل هئا، ان موقعي تي شهداءَ ڪاميٽي جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دردناڪ سانحي کي 9  ڏينهن گذري ويا آهن پر شهيدن جا وارث سان انصاف ناهي ٿي سگهيو نه ئي وري دهشتگردن جي تربيتي مرڪزن، محفوظ جڳهن ۽ مدد ۽ سهولت ڏيندڙن خلاف آپريشن ٿيو آهي. هنن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته دهشتگردن خلاف فوجي آپريشن ڪيو وڃِي جڏهن ته 13 فيبروري تي ملڪ گير شٽر بند هڙتال ڪرڻ واري اعلان تي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهريار مهر، جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي، سنڌ يونائيٽيڊ جي سربراھ سيد جلال محمود شاھ، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ قاسم سوري  ۽ ٻين سان اسان رابطا ڪيا آهن جن اسان کي ۽ شهيدن جي وارثن کي مڪمل تعاون جي خاطري ۽ هڙتال جي حمايت ڪئي آهي. هوڏانهن شڪارپور پريس ڪلب ٻاهران ديدار ميراڻي، ذوالفقار سومري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سول سوسائٽي پاران بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شڪارپور ضلعو فوج حوالي ڪيو وڃي .

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت توڻي اعليٰ اختياريون کي گهرجي ته هو ته شڪارپور ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ سخت اقدام ڪن ۽ اتي فوجي آپريشن ڪري ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون جلد شروع ڪيو وڃي ته جيئن شڪارپور واسين سان ٻيهر اهڙو در ڏاريندڙ واقعو پيش نه اچي سگهي ۽ نه ئي بيگناهه شهرين جون جانيون دهشتگردي جي ڀيٽ چڙهي وڃن انڪري اسان حڪومت کي گذارش ڪنداسين ته جلد کان جلد شڪارپور ۾ ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *