راولپنڊي(بيورو) پاڪ فوجي جي سربراهه جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ملڪ مان دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جو بنا فرق خاتمو آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو، پاڪ فوج جي ترجمان مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندڙ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ملڪ ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال سميت فوج جي پيشيوراڻن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته ان موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ ڪمانڊرن اندروني ۽ پرڏيهي سلامتي وارن معاملن جو جائزو وٺندي آپريشن ضرب عضب، خيبر ون ۽ پاڪ افغان لاڳاپن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪندي ملڪ مان دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جو بنا فرق خاتمو ڪيو ويندو،پاڪ فوج جي ترجمان مطابق ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جو ٻيون مرحلو سڀاڻي به ٿيندو جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف برگيڊيئر پوسٽن تي رڪيل مقررين جي حوالي سان اعلان ڪندو