وفاق پاران ڪي اليڪٽرڪ کي 650 ميگاوٽ بجلي نه ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) ڪراچي جي شهرين لاءِ نئين پريشاني شروع ٿي وئي وفاقي حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ هڪ ڀيرو ٻيهر آمهوهن سامهون اچي ويا وفاق ڪراچي کي نيشنل گرڊ مان 650 ميگاوٽ بجلي نه ڏيڻ وج فيصلو ڪيو آهي هي بجلي ملڪ جي ٻين حصن کي فراهم ڪئي ويندي ان فيصلي بابت پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري يونس ڊاهگا قومي اسيمبلي جي ڪميٽي کي بريف ڪيو يونس ڊاهگه چيو ته وفاق جي فيصلي سان نيپرا ۽ اين ٽي ڊي سي کي به آگاهه ڪيو ويو آهي ڪي اليڪٽرڪ پنهنجن پلانٽس مان اڍائي هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهي ٿي هو پنهنجي تعداد مطابق ڪم ڪري ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو موقف آهي ته 1700 ميگاوٽ کان وڌيڪ بلجي پيدا نه ٿي ڪري سگهجي 650 ميگاوٽ بجلي جي فراهمي جو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آهي جيڪڏهن بجلي بند ڪئي وئي ته وفاقي حڪومت توهين عدالت ڪندي، ڪي اليڪٽرڪ جي بيان تي ردعمل ڏيندي ان ٽي ڊي سي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته معاهدي جو مدو ختم ٿي چڪوآهي، جنهن کانپوءِ توهين عدالت نٿي ٿي سگهي، ڪراچي جي بجلي جي طلب 1700 ميگاوٽ آهي جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي پيداواري صلاحيت 2 هزار ميگاواٽ آهي سنڌ اسيمبلي ۾ به وفاق ۽ ڪي اليڪٽرڪ ۾ جاري  ڇڪتاڻ جي گونج ٻڌي وئي ايم ڪيو ايم جي ميمبر سيد خال احمد جي قرار منظور ڪري ورتي، قرارداد مطابق سنڌ حڪومت وفاق کي معاهدي تي عملدرآمد لاءِ خط به لکيو آهي متحده جي اسيمبلي ميبر خواجه اظهار الحق چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کي 650 ميگاوٽ بجلي فراهمي نه روڪي وڃي ڪي اليڪٽرڪ کي پنهنجي پيداوار کان هٽي نيشنل گرڊ مان 650 ميگاواٽ بلجي جي فراهمي وارو معاهدو پيپلز پارٽي حڪومت ۾ ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *