نيپئر (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي آل رائونڊر روز ٽيلر پاڪستان خلاف ٻي ۽ آخري ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ ۾ پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي 12 هين سينچري ٺاهي ورتي. هن پاڪستان خلاف شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي 12 هين سينچري اسڪور ڪئي. هن پاڪستان خلاف 102 رنسون ٺاهيون. گذريل ڏينهن مڪلين پارڪ نيپئر جي جاءِ تي کيڏيل ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻي ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ ڪيويز آل رائونڊر اهو اعزاز حاصل ڪيو.