نيوزيلينڊ پاڪستان کي 119 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

نيپيئر(اسپورٽس نيوز)نيوزيلينڊ پاڪستان کي ٻئين ون ڊي ميچ ۾ 119 رنسن تان شڪست ڏئي 2 ميچن واري تي مشتمل سيريز 0-2 سان پنهنجي نالي ڪري ورتي،  نيپيئر جي مڪلين پارڪ ۾ کيڏي ويندڙ ٻئين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 369 رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ قومي ٽيم 43.1 اوورن ۾ 250 رنسن تي ڍير ٿي وئي گرين شرٽس طرفان طرفان اوپننگ بيٽسمين محمد حفيظ ۽ احمد شهزاد پهرين وڪيٽ تي 111 رنسون جوڙيون ۽ شهزاد 55 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ نيٿن مڪلم جي بال تي آئوٽ ٿي ويو جنهن کانپوءِ يونس خان به 11 رنسون ٺاهڻ کانپو ءِ  130 رنسن جي مجومعي اسڪور تي پويلين واپس هليو ويو جنهن کانپوءِ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪرنديون رهيون محمد حفيظ 86 رنسن سان نمايان بيٽسمين رهيو جڏهن ته ڪپتان مصباح الحق 45، شاهد آفريدي 11، سرفراز احمد 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا ۽ 4 رانديگر ڊبل فگر ۾ شامل ٿيڻ بغير آئوٽ ٿي ويا، نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي، گرينٽ ايليٽ، نيٿن مڪلم ۽ ايدم ملني 2،2، جڏهن ته ڊينيئل ويٽوري ۽ ٽرينٽ بولٽ هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي،  ان کان اڳ نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته سازگار پچ جو فائدو وٺندي ڪيوي بيٽسمين بالرن جي سٺي خاطرداري ڪئي ۽ مقرر 50 اوورن ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي 369 رنسون ٺاهيون ڪيويز طرفان ڪين وليمسن ۽ راست ٽيلر 112 ۽ 102 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ان کان علاوه مارٽنگ گپٽل به 76 رنسن جي اننگز کيڏي پاڪستان طرفان محمد عرفان 2 جڏهن ته شاهد آفريدي، احسان عادل ۽ احمد شهزاد هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي جڏهن ته بلاول ڀٽي مهانگو بالر ثابت ٿيو ۽ هن 10 اوورن ۾ 93 رنسون ڏنيون ۽ ڪابه وڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيو  ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي پيش ڪندڙ ڪين وليمسن کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *