وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ واري ڳالهه تي قائم آهيون: شهريار مهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهريار مهر چيو آهي ته وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ واري ڳالهه تي قائم آهيون، اپوزيشن پارٽين ۾ڪجهه اختلاف آهن، جيڪي جلد حل ٿي ويندا. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار مهر چيو ته ٿر بابت ڪميٽي نه جوڙي سنڌ اسيمبلي پنهنجي قائدن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن چيو ته ٿر ۾ روز ڪيترائي معصوم ٻارڙا مري رهيا آهن، جنهن خلاف اسيمبلي جي فلور تي آواز اٿاريو ويندو. شهريار مهر چيو ته سنڌ حڪومت ڪمند جي مقرر ڪيل اگهه تي عمل ناهي ڪرائي سگهي،اهڙي جمهوريت ڪهڙي ڪم جي جيڪا عوام کي رليف نه ڏياري سگهي. شهريار مهر چيو ته وڏي وزير خلاف بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ واري ڳالهه تي قائم آهيون، اپوزيشن پارٽين جا ڪجهه معاملن تي اختلاف آهن، ڪوشش آهي ته جلد حل ٿي وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *