سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر تحريڪ انصاف جي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون تحريڪ انصاف جي ميمبرن سيپٽمبر ۾ استعيفائون ڏنيون هيون، سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن پاران ڏنل استعيفائون آخرڪار منظور ڪيون ويون آهن آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ميمبرن طرفان استعيفائون واپس وٺڻ جو ڏاڍو انتظار ڪيو جڏهن ته ڪوبه جواب نه ملڻ تي استعيفائون منظور ڪري اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏيون آهن استعيفائون ڏيندڙ ميمبرن ۾ ثمر علي خان، ڊاڪٽر سيما ضياءَ، حفيظ الدين ۽ خرم شير زمان شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *