دهشتگرد دهشتگرد ٿيندو آهي قانون ۽ آئين سڀني لاءِ هڪ جهڙو هئڻ گهرجي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته قانون ۽ آئين سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو هئڻ گهرجي دهشتگرد دهشتگرد هوندو آهي ڪلاشنڪوف بندوق ڊرل مشين سان سوراخ ڪندڙ ٻوري ۾ بند لاش ڏيندڙ به دهشتگرد آهن ڪجهه دهشتگردن کي ڦاهي تي چاڙهيو پيو وڃي پر ڪراچي ۾ صولت مرزا ڪامران ماڌوري اجمل پهاڙي جاويد بند جهڙي بدنام دهشتگرد جن 12 مئي 9 اپريل 22 مئي 10 محرم الحرام نشترپارڪ ۽ 18 آڪٽوبر تي بيگناهه انسانن جو رت وهايو انهن دهشتگردن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي. قتل قتل ٿيندو آهي وڏي ماڻهو تي حملو ڪرڻ ۾ ملوث دهشتگرد کي ڦاهي جي سزا ۽ عام بيگناهه ماڻهن سياسي ڪارڪنن ميڊيا جي ماڻهن کي وڪيلن ۽ مزدورن کي گولين جو نشانو بڻائي قتل ڪندڙ دهشتگرد ناهي ڇا؟ ته حڪومت واضح ڪري ته پوءِ ڇا آهي سنڌ جو عوام وفاقي حڪومت کان سوال ڪري ٿو ته ڪراچي ۾ بيگناهه قتل ٿيندڙ ماڻهن جو ڇا رت سفيد آهي جيڪي ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪندڙ دهستگردن کي رعايت ڏني پئي وڃي انهن دهشتگردن کي ڦاهي تي ڇو نٿو ٽنگيو وڃي حڪومت دهشتگردن سان به مفاهمت وارو رويو رکيو آهي هڪ طرف حڪومت دهشتگردن جي خلاف ضرب عضب آپريشن ڪري رهي آهي ۽ ٻئي پاسي ڪراچي شهر ۾ بدنام دهشتگردن جي ڦاهي جي سزا جو عمل روڪڻ جو حڪم ڏي ٿي اياز لطيف پليجو چيو آهي ته دهشتگردن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *