عمران خان جي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور آمد، شهيد ٻارن جي وارثن جو احتجاج، گو عمران گو جا نعرا

پشاور (بيورو) عمران خان ۽ سندس گهر واريءَ کي پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جو دورو ڳچيءَ پئجي ويو، عمران خان ۽ سندس زال ريحام خان جي آمد تي شهيد ٻارڙن جي وارثن سخت احتجاج ڪندي گو عمران گو جي نعريبازي ڪئي،احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته عمران خان ساڻن ڏک ونڊڻ نه پر زال کي گهــُمائڻ لاءِ آيو. شهيد ٻارڙن جي وارثن جي سخت احتجاج سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي پئي. آرمي پبلڪ اسڪول ٻاهران شهيد ٻارڙن جي وارثن عمران خان جي ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ آمد تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گو عمران گو جا نعرا هنيا. مڇريل ماڻهن پي ٽي آءِ سربراهه جي گاڏيءَ تي مڪون پڻ هنيون، ان دوران عمران خان ۽ ريحام خان کي متبادل گيٽ ذريعي اسڪول اندر پهچايو ويو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ شهيد ٻار جي امڙ جو چوڻ هو ته عمران خان ڏکئي وقت ۾ کين اڪيلو ڇڏي هليو ويو ۽ جنهن وقت سندن ٻارن تي ظلم ٿي رهيو هو ته هــُو پنهنجي شادي جي تيارين ۾ رڌل هو. هن چيو ته عمران خان ساڻن ڏک ونڊڻ نه پر پنهنجي زال کي گهمائڻ آيو آهي. شهيد ٻار جي امڙ وڌيڪ چيو ته ڇا عمران خان کي پنهنجون خوشيون ايتريون پياريون آهن جو هن سندن ڏک وساري ڇڏيا، ايترن ڏينهن بعد هــُو پي ٽي آءِ سربراهه کي ياد آيا. احتجاج ڪندڙ هڪ ٻئي شخص جو چوڻ هو ته عمران خان کي اڄ آرمي پبلڪ اسڪول اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ جڏهن ته ڏک جا چاقو هلي رهيا هئا ته هــُو پنهنجي شادي جي معاملي ۾ رڌل هو،کين ڪنهن جي ضرورت ناهي. هن چيو ته نواز شريف وزيراعظم آهي انڪري کيس سڀ کان اڳ اچڻو هو پر اهو به نه آيو ۽ هاڻي کيس به هتي اچڻ نه ڏنو ويندو. شهيد ٻارن جي وارثن چيو ته کين پنهنجي شهيدن جي رت جو حساب وٺڻو آهي،ڀلي پوءِ ڀلي کين حياتيون قربان ڪرڻيون پون. هڪ شهيد ٻار جي والد چيو ته هــُو عمران خان کي ووٽ ڏيڻ تي شرمندگي محسوس ڪري رهيو آهي، هنن پنهنجي ڀلائي لاءِ ووٽ ڏنو پر عمران خان کين ڏکئي وقت ۾ اڪيلو ڇڏي ڏنو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *