حڪومت جو سوشل ميڊيا تي فحش ۽ غير اخلاقي مواد پکيڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) گهرو وزارت سوشل ميڊيا تي فحش ۽ غير اخلاقي وڊيوز سان ماڻهن کي بدنام ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا کي ماڻهن کي بدنام ڪرڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ ڏينداسين سوشل ميڊيا تي غيراخلاقي مواد ڦهلائيندڙن کي گرفتار ڪنداسين پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير رانا ثناءُالله ٻڌايو ته وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙو مواد برداشت نه ڪيو وڃي رانا ثناءُالله چيو ته اهڙا واقعا روڪڻا آهن جنهن ۾ اهڙي مواد کي بليڪ ميلنگ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو هن چيو ته ايف آئي اي ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن غير اخلاقي وڊيوز تصويرن سميت اهڙي قسم جو گند ڦهلائيندڙن کي نه ڇڏيندسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *