سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ پاڻي چوري خلاف آپريشن جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ (ڪي ڊبليو ايس بي) بابت اجلاس جي صدارت ڪندي پاڻي چوريءَ خلاف ڀرپور آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن شهر جي کوٽ وارن علائقن کي پاڻي فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪي ڊبليو ايس بي کي انتظاميا کان ويندي پاڻي ورڇ تائين سندس مڪمل نظام کي بهترين پيشه ورانه طريقن کي اپنائيندي سندس گڏيل ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائڻ گهرجي، ريوينيو جي وصولي کان ريوينيو جي وسيلن ۾ واڌ ۽ لائن لاسز کي گهٽ ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان جا منصوبا بروقت مڪمل ڪري سگهجن. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪي ڊبيلو ايس بي شهر جي ماڻهن کي پاڻي جي پروڊڪشن، پهچائڻ ۽ ورڇ جو ذميوار آهي، تنهن ڪري پنهنجا ڪم ۽ خدمتون سندس پيشي وارانه صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ رٿيل اجلاس ۾ مڪاني ادارن وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، ليبر وارو وزير سعيد غني، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، وڏي وزير جو خاص معاون وقار مهدي، چيئرمين واٽر بورڊ نجمي عالم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري بلديات نجم شاهه، اڳوڻو ايم ڊي واٽر بورڊ اسد الله خان، ايم ڊي واٽر بورڊ، چيف انجنيئرز ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه وڏي وزير کي پاڻيءَ جي نظام بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪراچي شهر کي گڏيل طور تي 406 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي جڏهن ته 1000 ايم جي ڊي پاڻيءَ جي گهرج آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڻيءَ جي ورڇ وارو نظام ڪيترائي ڏهاڪا پراڻو آهي تنهن ڪري پاڻي جي ورڇ وارو نظام متاثر ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڻيءَ جي فراهمي لاءِ وڇايل پائپ پراڻا ۽ ڳري چڪا آهن جنهن ڪارڻ پائپ لائن مان گهڻي مقدار ۾ پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي. موجود پاڻي جي فراهمي جا تفصيل ٻڌائيندي مڪاني ادارن واري وزير چيو ته ڪي ڊبليو ايس بي کي ڌاٻيجي کان 450 ايم جي ڊي، حب کان 100 ايم جي ڊي ۽ گهارو کان 30 ايم جي ڊي پاڻي ملندو آهي، اهڙي ريت اسان وٽ 580 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ٿيندو آهي، جنهن مان 30 سيڪڙو يعني 174 ايم جي ڊي لائن لاسز ۾ ضائع ٿيندو آهي يعني 406 ايم جي ڊي پاڻي شهر لاءِ دستياب آهي. واضح رهي ته شهر جي 25 ملين آبادي / پاڻي استعمال ڪندڙن لاءِ في ڪس 40 گيلن پاڻيءَ جي حساب سان 1000 ايم جي ڊي بڻجي ٿو. سيد ناصر حسين شاهه مطابق بلڪ واٽر سپلاءِ سورس ۾ آخري ڀيرو 2007 ۾ ڪي ٿري پروجيڪٽ ذريعي 100 ايم جي ڊي پاڻي جو اضافو ڪيو ويو هو۔ هن چيو ته ڌاٻيجي، گهار يا حب ۾ بجليءَ جي بريڪ ڊائون جو مسئلو سپلاءِ ۾ فوري گهٽتائيءَ جو نتيجو بڻجندو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هر ضلعي/ ٽائون ۾ پاڻيءَ جي گهرج ۾ سپلاءِ جي مقابلي ۾ ٻيڻو اضافو ٿيو آهي. پاڻي جي مينز/ پمپنگ اسٽيشن ڀرسان صارفين سندن ضرورت جيترو پاڻي ڇڪيندا آهي، ليڪن ٽيل اينڊرز يا ايليويٽڊ علائقن جي صارفين کي پاڻي جي کوٽ سبب پاڻي فراهم نه ٿي رهيو آهي. ان تي وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير ۽ واٽر بورڊ ٽيم کان ڪراس سوال ڪندي چيو ته جڏهن شهر ۾ 594 ايم جي ڊي واري ايتري وڏي کوٽ آهي ته ماڻهو انکي ڪيئن پورو ڪري رهيا آهن؟. ان تي جواب ڏنو ويو ته پاڻيءَ جي ٽينڪر ذرريعي گذارو ڪري رهيا آهن. ان تي وڏي وزير چيو ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته سسٽم ۾ پاڻي موجود آهي جتان ٽينڪرز پاڻي جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ سپلاءِ ڪري رهيا آهن. ناصر حسين شاهه چيو ته سمورا غيرقانوني هائيڊرنٽس کي ختم ڪيا ويا آهن ۽ رڳو 6 قانوني هائيڊرنٽس ڪم ڪري رهيا آهن. ان تي وڏي وزير چيو ته ڪينجهر يا سنڌو درياهه مان ٽينڪرن ذريعي پاڻي نه پيو اچي. هن وڌيڪ چيو ته اهو واٽر بورڊ جي نظام مان پاڻي چوري ٿي رهيو آهي. سيد مراد علي شاهه چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته هُو شهر ۾ پاڻي چوريءَ خلاف سخت آپريش شروع ڪرڻ لاءِ رينجرز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي رابطو ڪري۔ هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته اوهان (ڪي ڊبليو ايس بي) انهن صارفين خلاف ڪارروائي ڪيو جن واٽر سپلاءِ وارن پائپن تي ڳرا پمپ لڳايا آهن ۽ مکيه پائپ لائن ۾ پاڻيءَ جو غيرقانوني ڪنيڪشن لڳايو ويو آهي. سيد مراد علي شاهه واٽر بورڊ انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته سسٽم ۾ وڌيڪ پاڻي شامل ڪرڻ ۽ ورڇ واري نظام کي اپ گريڊ ڪري ۽ پراڻي پائپ لائن کي نئين پائپ لائن سان تبديل ڪرڻ وارين اسڪيمن کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته 9.1 بلين رپين واري 65 ايم جي ڊي اضافي واٽر سپلاءِ اسڪيم، حب ڪينال جي بحالي ۽ پي پي پي موڊ تحت 5 ايم جي ڊي ڊي-سيلينيشن پروجيڪٽ لڳائڻ وارن ڪمن کي فوري طور تي شروع ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڪي ڊبليو ايس بي کي پنهنجن خدمتن، ريوينيو پيداوار سميت مڪمل آپريشن کي سنڀالڻ لاءِ پيشه ورانه مهارت جي لحاظ کان ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ گهرجي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪي ڊبليو ايس بي پاڻي جي ورڇ وارو نظام ايترو خراب آهي جو شهر جي ڪجهه علائقن ۾ 24 ڪلاڪ پاڻي ملي رهيو آهي جڏهن ته ٻيا ڪيترائي علائقا هفتن جا هفتا انتظار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ان نظام کي انصاف پسند بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن ڪي ڊبليو ايس بي کي هدايت ڪئي ته اهي پاڻيءَ جي ٽرنڪ مين ليول ۽ ٽائون ڊسٽريبيوشن نيٽ ورڪ تي پاڻي جي ورڇ لاءِ هڪ زوننگ پلان تيار ڪري ته جيئن ٽيل اينڊ صارفين کي پاڻي فراهم ڪري سگهجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *