ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح وڌڻ جو سلسلو برقرار، مهانگائي جي ڪل شرح 17.37 سيڪڙو سطح تي پهچي وئي

ڪراچي (اين اين آءِ) ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح جو سلسلو وڌڻ برارار آهي مهانگائي جي ڪل شرح 17.37 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي آهي وفاقي ڳڻپ واري اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ مهانگڀائي جي شرح 1.81 سيڪڙو وڌيڪ وڌي وئي آهي هفتيوار بنيادن تي چماٽو، گيهه، آنا، بصر سميت 30 ضروري شيون مهانگيون ٿيون هڪ هفتي ۾ ٽماٽر 23 رپيا 29 پئسا في ڪلو مهانگا ٿيا کاڄرو گيهه جو اڏائي ڪلو جو دٻو 30 رپيا 63 پئسا مهانگو ٿيو آنا 3 رپيا 26 پئسا هڪ درجن ڪڪنگ آئل 77 رپيا 37 پئسا مهانگو ٿيو بصر هڪ رپيو 4 پئسا في ڪلو، ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 7 رپيا 26 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو هن هفتي ڌال مسور، چڪن، مٽن، ڏهي ۽ کير جيق يمتن ۾ اضافو ٿيو هڪ هفتي ۾ 6 ضروري شين جون قيمتون گهٽ ٿيون هن هفتي ۾ کنڊ 10 رپيا 29 پئسا في ڪلو سستي ٿي، دال ماش هڪ رپيو 11 پئسا مڱن جي دال 68 پئسا في ڪلو سستي ٿي، هڪ هفتي ۾ اٽي جو 20 ڪلو جو ٿيلو 3 رپيا 11 پئسا سستو ٿيو هن هفتي 15 ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *