عوام کي 3 ڀيرا ڏينھن ۾گئس ڏيڻ جي تجويز، سنڌ 70 سيڪڙو نه، پر 38 سيڪڙو گئس سپلاءِ ڪري ٿو: حماد اظھر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)توانائي واري وزارت سياري جي موسم ۾ گهريلو واهپيدارن کي رڳو کاڌو پچائڻ جي وقت ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گيس ڏيڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. ڪابينا جي توانائي ڪميٽي طرفان ايندڙ هفتن ۾ سياري جي لاءِ گيس لوڊ مينيجمينٽ پلان جي منظوري ڏني ويندي جڏهن ته منظوري جي لاءِ توانائي واري وزارت جي پيٽروليم ڊويزن تجويزون تيار ڪري ورتيون آهن. پيٽروليم ڊويزن طرفان سياري ۾ گهريلو واهپيدارن جي لاءِ ڏينهن ۾ رڳو ٽي ڀيرا کاڌو پچائڻ لاءِ گيس فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، مطلب ته کاڌي کائڻ جي طئي ٿيل وقت کانپوءِ گيس موجود نه هوندي. ذريعن موجب اها تجويز ڪميٽي جي اجلاس ۾ پهريون به پيش ڪئي وئي هئي پر عمل ڪرڻ جوڳي نه لڳي ۽ فيصلو رد ڪيو ويو جڏهن ته هاڻي اهو فيصلو ايندڙ هفتي ٿيندو. ٻئي اهم ترين تجويز اها آهي ته سياري جي موسم ۾ گيس پريشر ۾ گهٽتائي جي ڪري پنجاب، وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۽ سوئي نادرن گيس سسٽم جي علائقن ۾ ڊسمبر ۽ جنوري جا ٻه مهينا گاڏين لاءِ سي اين جي مڪمل طور بند ڪئي ويندي جڏهن ته سنڌ ۾ سوئي سڌرن جي علائقن ۾ هفتيوار سي اين جي جي فراهمي ٽن ڏينهن لاءِ بند ڪئي ويندي. اها به تجويز ڏني وئي آهي ته پاور سيڪٽر، برآمدي صنعتن ۽ ڀاڻ جي صنعت گيس جي بنا روڪ جي فراهمي جاري رکي ويندي. انهن سڀني تجويزن تي حتمي فيصلو ڪابينا جي توانائي ڪميٽي ڪندي جنهن کانپوءِ سياري جي لاءِ گيس لوڊ مينيجمينٽ پلان جو امڪاني طور اعلان ڪيو ويندو. ٻئي طرف  وفاقي حڪومت طرفان سنڌ مان نڪرندڙ گئس جو 80 سيڪڙو صوبي ۾ ئي استعمال ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، توانائي جي وفاقي وزير حماد اظهر سينيٽ ۾ گئس بحران تي بحث دوران چيو آهي ته سنڌ 70 سيڪڙو نه، پر 38 سيڪڙو گئس سپلاءِ ڪري ٿو، وفاقي وزير جو چوڻ ھو تھ بلوچستان 40، ڪي پي 12 ۽ پنجاب 8 سيڪڙو گئس فراهم ڪري ٿو، 2019ع کان گئس جا اگهه نه وڌيا آهن، سڀ کان وڌيڪ گئس ذخيرن ۾ گهٽتائي سنڌ ۾ ٿي رهي آهي، ٻن ٽن سالن ۾ سنڌ به گئس خريد ڪندڙ صوبو بڻجي ويندو، ھن چيو تھ  ملڪ ۾ گئس بحران جو ايل اين جي سان ڪوبه واسطو نه آهي، ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان سستو ايل اين جي معاهدو پي ٽي آءِ حڪومت ڪيو، نواز ليگ جي حڪومت ۾ لڳايل ايل اين جي ٽرمينلز تي چار ڪروڙ رُپيا هڪ ڏينهن ۾ ادا ڪرڻا پوندا آهن، اسان جيڪي ٽرمينلز لڳائي رهيا آهيون، اُنهن جي مسواڙ نه ڏيڻي پوندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *