حۡڪومت بجلي وڌيڪ هڪ رپيو 68 پيسا مھانگي ڪري ڇڏي، تيل بھ پوڻا 10 روپيا وڌائڻ جون تياريون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت بجلي جي اگھن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظور ڏئي ڇڏي جنهن کان پوءِ بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 68 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن سمري جي ذريعي بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظور ڏني آهي جيڪا فوري طور تي لاڳو ٿيندي. ذريعن موجب بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري توانائي واري وزارت طرفان موڪلي وئي هئي. ٻئي طرف سڀاڻي کان پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب اوگرا پيٽرول شين جي اگھن ۾ ڦير ڦار جي سمري پيٽرول ڊويزن کي موڪلي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا طرفان پيٽرول جي قيمت 5 رپيا 90 پيسا في ليٽر تائين وڌائڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ اوگرا ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر پوڻا 10 رپين تائين واڌ جي تجويز ڏني آهي. واضح رهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ حتمي ڦير ڦار ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان مشاورت بعد ڪندي. ھوڏانھن پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ سميت مخالف ڌر پارٽين تيل توڙي بجلي اگھن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آھي، قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته بجيٽ تقرير ۾ جيڪو ڪجهه چيو هو اهو سچ ۽ حڪومت ڪوڙي ثابت ٿي وئي آهي، عمران خان پاڪستان ۽ عوام لاءِ نه پر آءِ ايم ايف لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. شهباز شريف بجلي، پيٽرول، ٽيڪس  ۾ واڌ کي مني بجيٽ قرار ڏيندي چيو ته آئون بجيٽ تقرير ۾ جيڪو ڪجهه چيو هو، اهو سچ ۽ حڪومت ڪوڙي ثابت ٿي  وئي، چيو هو ته حڪومت مني بجيٽ آڻيندي ۽ اڄ اها ڳالهه ثابت ٿي وئي ته حڪومت بجيٽ جي نالي تي عوام کي دوکو ڏنو، اها حڪومت هلندي ته معيشت نه هلندي. هن چيوت ه ٽيڪس ڇوٽ وارين شين تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ، پيٽرول، بجلي جي اگھن ۾ واڌ عوام ۽ معيشت جي خلاف دهشتگردي آهي، مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي اڳ ئي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، حڪومت هڪ نئون بم اڇلي ڇڏيو آهي، عمران نيازي آءِ ايم ايف جي قربان گاهه تي معيشت ۽ قوم کي قربان ڪري رهيو آهي، آءِ ايم ايف جي شرطن تي انڌا ڌند عمل ڪندڙ حڪومت عوام جي مفاد جو خيال نه رکيو. سندس چوڻ هو ته عمران نيازي پاڻ اهڙا قدم کڻي رهيو آهي جنهن سبب مهانگائي وڌي ٿي، پوءِ قوم کي چوي ٿو ته مهانگائي وڌڻ جا سبب سمجهه ۾ نه پيا اچن، قوم کي چڱي طرح سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته هنن سان ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڪير روز اهو ظلم ڪري رهيو آهي، مسئلو قوم جي سمجهه کان ٻاهر ناهي پر حڪمرانن جي ڪرپشن، ڪوڙ ۽ تاريخي نالائقي ۽ ناالهي جو آهي، پاڪستان ۽ قوم کي حڪمرانن جي نالائقي، نااهلي  ۽ ڪرپشن جي وڏي سزا ملي رهي آهي. شهباز شريف چيو ته حڪومت کي اهو احساس نه آهي ته عوام جو گذارو ناهي ٿي رهيو، حڪومت ٽئي سال قوم کي چڪر مٿان چڪر ڏئي رهي آهي، ٽيڪس مهانگائي، قرض وڌندا پيا وڃن، عمران نيازي عوام ۽ پاڪستان لاءِ نه آءِ ايم ايف لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، ايتري سنگين مهانگائي ملڪ  لاءِ مسئلو پيدا ڪري رهي آهي جيڪا پاڪستان لاءِ سٺو سنوڻ نه آهي، پيٽرول شين ۽ بجلي جي اگھن ۾ ٿيندڙ واڌ رد ڪيون ٿا، حڪومت اهو ظالماڻو فيصلو واپس وٺي. پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته نااهل حڪومت مهانگائي ۽ بيرزوگاري کانسواءِ عوام کي ڪجهه ناهي ڏنو، پي ٽي آءِ سرڪار ٽن سالن ۾ بجلي 40 سيڪڙو مهانگي ڪري ڇڏي  پي ڊي ايم به بجلي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آھي، حافظ حمد الله چيو آهي ته بجلي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سان عوام جي کيسن ۾ اربين رُپين جو ڌاڙو هنيو ويو، عمران خان ٻڌائي ته سندس رليف ڪٿي آهي؟ پي ٽي آءِ جو ٽارگيٽ غربت نه، پر غريبن جو خاتمو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *