طاقتور طبقو انصاف نه اين آر او گهري ٿو، طاقتور پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿو: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏو ماڻهو انصاف نه اين آر او چاهي ٿو ۽ ننڍو هاري ٻاهر پيسا کڻي ناهي ويندو ڇو جو هو لنڊن ۾ فليٽ نه وٺندو. ڪسان پورٽل جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف، انصاف جي تحريڪ هلائي، الله تعاليٰ ڪمزور ۽ محنت ڪندڙ طبقي جو آواز خاص طور تي ٻڌندو آهي، ننڍو ماڻهو انصاف جي ڳولا ۾ رهندو آهي. هن اپوزيشن اڳواڻن تي تنقيد ڪندي چيو ته ننڍو هاري ٻاهر پيسو نه کڻي ويندو، لنڊن ۾ فليٽ نه وٺندو، وڏو ماڻهو انصاف نه اين آر او چاهي ٿو، ننڍو هاري قرض وٺڻ ويندو آهي ته ان کي گھڻو وياج ڏيڻو پوندو آهي، ننڍو هاري سڀ کان وڌيڪ محنت ڪندو آهي ۽ ڏکيائين کي به منهن ڏيندو آهي. وزيراعظم چيو ته هاري شگر ملن جي ٻاهران لائينن ۾ بيٺا هوندا آهن، هارين کي ڪمند جي قيمت ملندي هئي، آئون سوچو ته جڏهن منهنجو وارو ايندو ته هارين کي پورو پيسو ڏياريندس. سندس چوڻ هو ته 5 سالن کان پوءِ پاڪستان ۾ وڏا ڊيمز تعمير ٿي رهيا آهن، درياهن ۾ پاڻي برسات ۽ گليشيئرز رجڻ سان ايندو آهي، پاڻي اسٽور ڪنداسين ته هاري کي پاڻي ڏئي سگھنداسين. هن چيو ته رپئي تي دٻاءُ عارضي آهي، اسان ڪڻڪ، کنڊ، گيهه امپورٽ ڪيو آهي، ٻاهران شيون گھرائڻ سان مهانگائي ٿيندي آهي، ڪوشش رهندي ته سموريون شيون ملڪ ۾ ٺاهيون. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ ۾ زراعت کي شامل ڪري ڇڏيو آهي، آبادي وڌي رهي آهي ان ڪري اسان کي پيداوار به وڌائڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي آبادي ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي، ان جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ پيداوار ۾ به اضافو ڪرڻو پوندو، ڪسان پورٽل ننڍن هارين جو آواز بڻجندو، جيڪو به ڪسان پورٽل تي رابطو ڪندو ان جي شڪايت سنئين سڌي چيف سيڪريٽري تائين پهچندي ۽ ان تائين پاڻي ۽ سندس ٻيا مسئلا حل ڪيا ويندا ۽ ان شئي کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪوئي طاقتور ان تي ظلم نه ڪري ڇو ته ننڍن هارين تي ڪوڙا ڪيس به ڪيا ويندا آهن، هارين کي سندن محنت جو پورو معاوضو ڏيارينداسين، حڪومت هارين سان گڏ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *