آرمي چيف 100 بسترن واري اسپتال ۽ اسڪول آف نرسنگ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا فوجي فائونڊيشن هيڊڪوارٽر ۾ 100 هنڌن جي اسپتال ۽ اسڪول آف نرسنگ جو افتتاح ڪري ڇڏيو فوجي فائونڊيشن آمد تي ايم ڊي ۽ سي اي او وقار احمد ملڪ آرمي چيف جي آجيان ڪئي. جنرل قمر جاويد باجوا کي فوجي فائونڊيشن جي جاري ۽ مستقبل جي منصوبن تي تفصيلي ڄاڻ ڏني ويئي آرمي چيف معياري خدمتن لاءِ فوجي فائونديشن جي ڪردار کي ساراهيو فوجي فائونڊيشن مان فائدو وٺندڙ 80 سيڪڙو مريض شهيدن ۽ غازين جا وارث آهن فوجي فائونڊيشن جي رفاعي ڪمن سان 90 لک ماڻهو فائدو وٺي رهيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *