فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي کانپوءِ مون تي قيامت برپا ڪئي وئي: جسٽس قاضي فائز

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ۾ دليل ڏيندي چيو آهي ته مون کي جج طور سپريم ڪورٽ جي عهدي تان هٽائڻ چاهين ٿا ۽ مون کي هٽائڻ جي خواهش جو سبب اهو آهي ته مان فيض آباد ڪيس جو فيصلو ڏنو پر رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندس، همت نه هارائيندس. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دليل ڏيندي چيو ته فروغ نسيم مون تي ۽ گهرواري تي سنگين الزام هنيا، منهنجي خلاف ريفرنس ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو آئين ۽ قانون تي ٻڌل هو، منهنجي گهرواري ڪيس ۾ ڌر نه هئي پوءِ به ان خلاف فيصلو ڏنو ويو، فروغ نسيم لاءِ عدالت جو احترام ناهي، وزارت ضروري آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ به فروغ نسيم تحريري دليل جمع ڪرائيندو رهيو، پهريون ڀيرو قانون وارو وزير اهڙو آهي، جنهن پاڪستان جي آئين کي بنيادي حقن جي ابتڙ قرار ڏنو، تفصيلي فيصلو اچڻ کان اڳ ئي ايف بي آر کي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جو چيو ويو، جڏهن ته ٽيڪس ڪمشنر ذوالفقار احمد عدالت جي دٻاءَ ۾ اچي ڪارروائي ڪئي. هن چيو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ميمبرن بدنيتي تي ٻڌل ڪارروائي ڪئي ۽ ڪڏهن مون کي صفائي جو موقعو نه ڏنو، سپريم جڊيشل ڪائونسل انصاف جو قتل عام ڪيو، صدر منهنجي 3 خطن جو جواب تائين نه ڏنو، مون کي ريفرنس جي ڪاپي نه ملي پر ميڊيا تي گوڙ شروع ٿي ويو، منهنجي ۽ گهر ڀاتين خلاف ففٿ جنريشن وار شروع ڪئي وئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته آصف سعيد کوسا منهنجو موقف ٻڌڻ بنا منهنجي پٺي ۾ ڇُرو هنيو، منهنجي ساٿي ججن جڊيشل ڪائونسل ۾ مون کي چريو قرار ڏنو، چيو ويو عمران خان جي فيملي جي باري ۾ ڳالهه نٿي ٿي سگهي، عمران خان ڪرڪيٽر هو ان جو مداح هيس ۽ آٽوگراف به ورتو، عظمت سعيد منهنجو دوست هو پر ان جي فيصلي تي ڏُک ٿيو، عظمت سعيد اڄ حڪومت جي پسنديده شخصيت آهي. هن چيو ته مان رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندس، همت نه هارائيندس، مون کي جج طور سپريم ڪورٽ جي عهدي تان هٽائڻ چاهين ٿا ۽ مون کي هٽائڻ جي خواهش جو سبب آهي ته مان فيض آباد ڌرڻي ڪيس جو فيصلو ڏنو، فيصلي کانپوءِ مون تي قيامت برپا ڪئي وئي، مرحوم خادم رضوي به فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل نه ڪئي، جڏهن ته ٻين سڀني فيصلو چئلينج ڪيو، تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم به نظرثاني اپيل داخل ڪئي، تحريڪ انصاف جي نظرثاني درخواست ۾ چيو ويو ته جج بڻجڻ جو اهل ئي ناهي، مان واقعي جج بڻجڻ جو اهل ناهيان، ڇو ته مان بنيادي حقن جي ڳالهه ٿو ڪيان. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اپيل ڪئي ته ڪيس جي ٻڌڻي صبح جي وقتن ۾ مقرر ڪئي وڃي، ڇو ته ٻڌڻي جلد مڪمل ٿيڻ ضروري آهي، جسٽس منظور ملڪ جي رٽائر ٿيڻ ۾ گهٽ وقت آهي. ان تي جسٽس عمر عطا چيو ته توهان کي هاڻ ياد اچي رهيو آهي ته وقت گهٽ آهي؟ توهان سڌي ريت ڪوريج جي درخواست ۾ مارچ مهينو ضايع ڪري ڇڏيو، جنهن تي جسٽس قاضي چيو ته لائيو ڪوريج جي درخواست منهنجي ان اميج سبب اهم هئي، جيڪو انهن پبلڪ ۾ ٺاهيو. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اميج ٺاهڻ واري ذات الله جي آهي، توهان ان تي يقين رکندا آهيو ته ڳڻتي ڇو، جنهن تي جسٽس قاضي چيو ته ڳڻتي سپريم ڪورٽ جي آهي، منهنجي ڪهڙي حيثيت آهي. پوءِ عدالت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *