فرضن ۾ ڪوتاهي، قانون جي خلاف ورزي ۽ بدعنواني کي ڪنهن به صورت برادشت نه ڪيو ويندو: نياز عباسي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري سيڪريٽري ڊاڪٽر نياز علي عباسي اطلاعات کاتي جي آفيسرن تي زور ڀريو آهي ته هو پنهنجا فرض ايمانداري، محنت سان ادا ڪن ته جيئن صوبائي حڪومت جي ترقياتي منصوبن ۽ اپائن بابت عوام کي وقت تي اگاهه ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽرن جي تعارفي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته آفيسرن جي زميواري آهي ته هو عوام جي مسئلن کي اڄاڳر ڪرڻ سان گڏ عوامي جي ڀلائي لاءِ حڪومتي اپائڻ جي مشهوري ڪن ته جيئن عوام انهن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهي. هن چيو ته اطلاعات کاتو سنڌ سرڪار جو انتهائي اهم کاتو آهي ڇو ته اهو حڪومت ۽ ميڊيا جي وچ پل جو ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ عوام کي حڪومتي اپائن بابت آگاهي فراهم ڪندو آهي. هن آفيسرن کي مهيني وار رسالن کي  بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته انهن ۾ عوامي مسئلن کي به جڳهه ڏني وڃي ته جيئن لاڳاپيل کاتا انهن جي حل لاءِ انتظام ڪري سگهن. هن حڪومت جي ترقياتي منصوبن جي باري ۾ دستاويزي فلمن جي تياري جي به هدايت ڪئي هن سوشل ميڊيا جي اهميت تي زور ڏيندي موثر اپاءُ وٺڻ جا حڪم ڏنا. ڊاڪٽر نياز علي عباسي اشتهار جاري ڪرڻ ۾ شفافيت جي اهميت تي زور ڏنو هن سمورن ڊائيريڪٽرن کي هدايت ڪئي ته هو اسٽاف، آلات، مشينري جي ضرورت تي به جامع دستاويز بڻائي ان کي ڏين ته جيئن اهڙي ڏس ۾ جلد کان جلد اپاءُ وٺي سگهجن. هن چيو ته فرضن ۾ غفلت، قانون جي خلاف ورزي ۽ گهوٻين کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ اهڙي آفيسرن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي هن چيو ته بطور آفيسرن انهن تي زميوراي عائد ٿيندي آهي ته هو قانون تي عملدرآمد ڪن  ۽ پنهنجا فرض قانون جي دائري ۾ رهي ادا ڪن. هن آفيسرن کي يقين ڏياريو ته اگر هو گڏجي ڪري ايمانداري سان ڪم ڪيو ته کاتي جو اميج بحال ڪري سگهجي ٿو. اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته هو کاتي جي مسئلن جي حل لاءِ پر عزم آهي پر ان لاءِ آفيسرن کي پنهنجي ڪارڪردگي مان ثابت ڪرڻو پوندو ته اهي ان ڏس ۾ سنجيده آهن. گڏجاڻي ۾ ڊائريڪٽر اطلاعات ايڊمن سيد عظيم شاهه اطلاعات کاتي جي ڪارڪردگي جي باري ۾ بريفنگ ڏني گڏجاڻي ۾ ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ غلام الثقلين، ڊائريڪٽر سوشل ميڊيا اسلم جتوئي، ڊائريڪٽر پريس سيد ذوالفقار علي شاهه، ڊائريڪٽر سليم خان، ڊائريڪٽر پبليڪيشن اختر علي سرهيو، ڊائريڪٽر اشتهارات عزيز احمد هڪڙو، ڊائريڪٽر فلم شبيه احمد صديقي، ڊائريڪٽر ريسرچ اينڊ ريفرنس محمد علي رياض،ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميڊيا ظفر خان، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن جهانگير خان ابڙو، ڊائريڪٽر حيدرآباد ذوالفقار احمد شيخ، ڊائريڪٽر سکر امتياز علي جويو، ڊائريڪٽر شهيد بينظيرآباد شفيق ميمڻ، ڊائريڪٽر ميرپور خاص سوائي خان ڇلگري، ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو درشن لعل شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن يوسف ڪابورو به ان موقعي تي موجود هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *