چين جو پاڪستان جي هٿياربند فوج لاءِ ڪورونا ويڪسين جو عطيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) پاڪستان جي هٿياربند فوج جي لاءِ ڪووڊ 19 جي ويڪسين عطيو ڪري ڇڏي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب پاڪستاني فوج پهرين پرڏيهي فوج آهي جنهن پي ايل اي طرفان ويڪسين جي امداد ملي آهي، پر اِهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته پي ايل اي طرفان پاڪ فوج کي ڏنل ويڪسين جي مڪلم امداد قومي ويڪسين مهم ڏني ويندي جيئن سڄي ملڪ ۾ فرنٽ لائن ورڪرز جيڪي وبا جي خلاف وڙهڻ ۽ قيمتي جانين کي بچائڻ ۾ اصل هيرو آهن انهن کي اِها فراهم ڪري سگهجي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي هٿياربند فوج هن چيلنجگ وقت ۾ هن ڏي عطيي تي پي ايل اي ۽ چين جا ٿورائتا آهيون. ٻئي پاسي سرڪاري ٽي وي موجب ملڪ جي هوائي فوج جي جهاز اليوشن 78 ويڪسين آندي جڏهن ته ويڪسين عطيو ڪرڻ جي مقعي تي هڪ تقريب رٿي وئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين جا دفاعي اتاشي ۽ ٻيون اختياريون موجود هيون. هوڏانهن اين سي او سي جي سربراهه ۽ وفاقي وزير اسد عمر فوجي قيادت جي فيصلي تي هڪ ٽوئيٽ ۾ چين جي پي ايل اي طرفان پاڪستان فوج کي موڪليل ويڪسين کي حوالي ڪرڻ جو زبردست فيصلو ڪيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *