سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 29 مريض فوت، 2 هزار 139 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪورونا وائرس جا 8201 ٽيسٽ ڪرڻ کانپوءِ 2139 مثبت ڪيسن جي تشخيص ٿي جڏهن ته 29 وڌيڪ مريض فوت ٿيڻ کانپوءِ فوت ٿيندڙن جو انگ 1406 تائين پهچي چڪو آهي. اها ڳالهه وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران اربع تي جاري ڪيل هڪ پريس بيان ۾ ٻڌائي وئي. هن ٻڌايو ته 8201 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ڪورونا وائرس جا 2139 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جنهن کانپوءِ مثبت ڪيسن /ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 23

جي شرح 28 سيڪڙو ٿي وئي آهي جيڪا هيل تائين بلند ترين شرحن مان هڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 461587 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 86139 ڪيس سڄي سنڌ ۾ ظاهر ٿيا آهن جيڪي مجموعي طور تي 19 سيڪڙو آهن. مراد علي شاهه چيو ته 29 وڌيڪ مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن. هن چيو ته هيستائين COVID-19 مريضن جي فوتگين جو انگ 1406 تائين پهچي چڪو آهي جيڪي 1.6 سيڪڙو آهي. وڏي وزير چيو ته 1703 وڌيڪ مريض صحتياب ٿي ڪري پنهنجي معمول واري زندگي ڏانهن موٽيا آهن. سندس چوڻ هو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 48527 ٿي ويو آهي جيڪو 56 سيڪڙو بحالي جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 36803 مريض علاج هيٺ آهن جنهن مان 35131 گهرن ۾، 158 قرنطينه سينٽرن ۽ 1514 مختلف اسپتالن ۾ شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت 707 مريضن جي حالت نازڪ آهي جن مان 104 مريضن کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي. وڏي وزير ضلعي سطح تي ڊيٽا بابت ٻڌائيندي چيو ته 2139 نون ڪيسن مان 1038 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 401، ضلع ڏکڻ 258، ضلع مرڪز 125، ضلع ڪورنگي 101، ضلع ملير 82 ۽ ضلع اولهه 71 ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد ۾ 129 ، سکر 86 ، شڪارپور 70 ، سانگهڙ 66 ، لاڙڪاڻو 58 ، شهيد بينظير آباد 50 ، ميرپور خاص 36 ، گهوٽڪي 31 ، بدين 29 ، دادو 24 ، جيڪب آباد 24 ، ڄامشورو 12 ، نوشهرو فيروز 10 ، خيرپور 9 ، مٽياري 8 ، سجاول 5 ، ڪشمور 3 ، ٽنڊو الهيار ، ٽنڊو محمد خان ۽ ٺٽي هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي ماڻهن کي اپيل ڪئي ته سنڌ سرڪار پاران ٻڌايل ايس او پيز تي عمل ڪندي پاڻ کي محفوظ بڻايو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *