پاڪ فوج ۾ ٻن ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪ فوج ۾ بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪ فوج ۾ ٻن ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. ميجر جنرل عامر اعواڻ ۽ ميجر جنرل محمد سعيد کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ملي آهي. پاڪ فوج ۾ بدليون ۽ مقرريون به ڪيون ويون آهن. پڌرائي موجب ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود کي ڪور ڪمانڊر پشاور ۽ ليفٽيننٽ جنرل شاهين مظهر محمود کي ڪور ڪمانڊر منگلا ڪور مقرر ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ جنرل محمد عامر کي ايڊجوٽنٽ جنرل ۽ ليفٽيننٽ ساحر شمشاد مرزا کي چيف آف جنرل اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *