شاهد ڪپور سلمان خان کي پوئتي ڇڏي ڏنو

 

ممبئي: (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اداڪار شاهد ڪپور جي فلم(ڪبير سنگهه) هلندڙ سال سڀني کان وڌيڪ ڪمائي ڪرڻ سان گڏ 5 رڪارڊز به ٺاهڻ ۾ ڪامياب وئي آهي.سال 2019 بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور جي لاءِ نهايت ئي بهترين ثابت ٿيو آهي تازو ئي سندس رليز ٿيندڙ ان جي نئين فلم(ڪبير سنگهه) هلندڙ سال جي سڀني کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ هندي فلم بڻجي وئي آهي. ترن آدرش موجب فلم رليز جي صرف 24 ڏينهن(3 هفتن) ۾ 255 ڪروڙ 89 لک روپيه ڪمائي بلاڪ بسٽر ثابت ٿي آهي ان سان گڏ  ئي فلم رليز جي صرف 3 هفتن ۾ 5 رڪارڊ ٺاهي ورتا آهن.فلم ڪبير سنگهه رليز جي صرف 13 ڏينهن ۾ 200 ڪروڙ ڪمائي جتي نوان رڪارڊ ٺاهيا آهن اتي ئي سلمان خان جي فلم(ڀارت) جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو آهي. جنهن رليز جي صرف 13 ڏينهن ۾ 200 ڪروڙ جو بزنس ڪيو هو. فلم ڪبير سنگهه جتي ڀارت ۾ ڪمائي جا نوان رڪارڊ ٺاهي رهي آهي اتي ئي هن آسٽريليا ۾ به سڀني کان وڌيڪ  ڪمائيندڙ بالي ووڊ فلم بڻجي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *