ٽئي خان اڃا ڪجهه سال بالي ووڊ تي راڄ ڪرڻ جا خواهشمند

 

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سلطان سلمان خان پنهنجي، شاهه رخ ۽ عامر جي مقبوليت ۾ گھٽتائي جي حوالي سان چيو آهي ته اسان ٽئي خان اڃا ڪجهه سال بالي ووڊ تي راڄ ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بالي ووڊ خانز ڀارتي فلم انڊسٽري تي راڄ ڪري رهيا آهن. ان عرصي ۾ ڪيترائي اداڪار آيا ۽ هليا ويا پر سلمان، شاهه رخ ۽ عامر خان جيتري مقبوليت ڪو به حاصل ناهي ڪري سگھيو.گذريل ڪجهه عرصي کان ٽئي خان پنهنجي فلمن سان شوقينن کي متاثر ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، سلمان خان جي فلم ”ريس 3“، شاهه رخ خان جي فلم ”زيرو“، جڏهن ته عامر خان جي فلم ”ٺگس آف هندستان“ باڪس آفيس تي پنهنجو ڪمال نه ڏيکاري سگھيون. انهن فلمن جي ناڪامي کان پوءِ چيو پئي ويو ته بالي ووڊ خانن جو جادو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي.تازو ئي سلمان خان فلم انڊسٽري تي پنهنجي گھٽجندڙ مقبوليت بابت ڳالهائيندي چيو ته شهرت ۽ مقبوليت هڪ نه هڪ ڏينهن هوريان هوريان گهٽجي ويندي آهي پر هڪ ڊگھو عرصو پاڻ کي برقرار رکڻ اصل ڪم آهي ۽ مونکي لڳندو آهي ته آئون، شاهه رخ، عامر، اڪشي ۽ اجي ئي آهيون، جيڪي پنهنجي اسٽينڊرڊ کي ڊگھو عرصو برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، اسان نه رڳو پنهنجي مقبوليت کي برقرار رکيو پر اسان جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته ان مقبوليت کي اڃا ڪجهه سال برقرار رکون.سلمان خان پنهنجي شاهه رخ خان ۽ عامر خان جي فلمن جي ناڪامي بابت ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اسان جون فلمون نه هلڻ سان باڪس جي ڪمائي ۾ 8 يا 10 سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان جي زوال جو دور شروع ٿي ويو آهي.واضح رهي ته سلمان خان ”ريس 3“ جي ناڪامي جو ڏک فلم ”ڀارت“ جي ڪاميابي سان وساري ڇڏيو ۽ هو هن وقت به ڪيترين ئي پراجيڪٽن ۾ مصروف آهي، جن ۾ فلم ”دبنگ 3“ ۽ سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ”انشاالله“ شامل آهي ۽ فلمن جي شوقينن کي انهن جو بي صبريءَ سان انتظار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *