پنهنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ رنگ ۾ ڀنگ نه وجهو : اقرا عزيز جو تنقيد ڪندڙن کي جواب

 

ڪراچي (شوبز نيوز) ٽيليويزن جي نامياري اداڪارا اقرا عزيز پاڻ تي ۽ ياسر حسين تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو آهي ته پنهنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ رنگ ۾ ڀنگ نه وجهو .لڪس اسٽائل ايوارڊز جي تقريب دوران ياسر حسين طرفان اقرا عزيز کي شادي جي آڇ ڪرڻ واري انداز کي سوشل ميديا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. واهپيدارن جو خيال آهي ته ڪنهن کي شادي جي آڇ ڪرڻ ۾ ڪا به برائي ناهي پر جيڪو انداز ياسر حسين اختيار ڪيو اهو صحيح نه هو.ان واقعي جي اٽڪل چئن ڏينهن کانپوءِ اقرا عزيز مڱڻي جي منڊي جي تصوير شيئر ڪندي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو ته منهنجي خوشي ايڏي وڏي آهي جو مونکي سٺيون ڳالهيون ۽ دعائون ئي ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن. ياسر حسين سڄي دنيا اڳيان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو جنهن لاءِ وڏي همت گهربل هوندي آهي ۽ آئون تمام گهڻو خوش آهيان.اقرا وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪا ڇوڪري شادي جي آڇ ڪندي وقت روئي نٿي پر ان خوشي کي مسڪرائي انجواءِ ڪري ٿي ته اهو ناهي چيو ويندو ته اهو سڀ رٿابندي تحت ٿيو، رنگ ۾ ڀنگ نه وجهو ۽ پنهنجي خوشي جو انتظار ڪريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *